راميجا ريگيوليٽر

راميجا ريگيوليٽر

راميجا ريگيوليٽر

راميجا ريگيوليٽر: راميجا ريگيوليٽر ڳاڙهي موريءَ، تعلقي ڪنگري، ضلعي خيرپورميرس ۾ ابل واهه تي واقع آهي. علائقائي حوالي سان هي ريگيوليٽر پاڻيءَ جي ورڇ لاءِ اهم آهي. هن ريگيوليٽر جو تعميراتي ڪم انگريز دور ۾ سکر بئراج ٺهڻ وقت ٿيو. هن ريگيوليٽر ذريعي ڦل واهڻ ۽ نئين پريالوءَ مائينر کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٿو. هن ريگيوليٽر جي ڀر ۾ ايريگيشن کاتي جو هڪ ريسٽ هائوس ٺهيل آهي. ريگيوليٽر ۾ ست در آهن، جن جي ٿنڀن تي دروزان کي هيٺ مٿي ڪرڻ واريون مشينون رکيل آهن. ريگيوليٽر جا در پڪين سرن جا آهن.


لفظ راميجا ريگيوليٽرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو